مخالف ڌر کي سينيٽ ۾ مليل شڪست ۾ ڪنهن جو ڏوهه آهي؟
ليکڪ: صحبت ٻرڙو
اپوزيشن پارٽيون محترم
صادق سنجراڻي کي سينيٽ جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ
۾ ناڪامي کان پوءِ وري ان جاءِ تي پهچي ويون آهن جتان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شروعات ڪئي هئي. اپوزيشن جون ٻئي وڏيون جماعتون مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي هڪٻئي کي اڳ به شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيون هيون ۽ هاڻي وري هڪ ٻئي مٿان چيئرمين جي چونڊ ۾ سازباز جي الزام تراشيءَ سبب ٻنهي جي وچ ۾ مفاصلو اڳ جي ڀيٽ ۾ اڃا به وڌي ويو آهي جنهن کي گهٽائڻ جي لاءِ وري نئين سر شروعات ڪرڻي پوندي ۽ اعتماد سازيءَ جي لاءِ نوان رستا ۽ طريقا ڳولڻا پوندا. هڪ ڳالھ بلڪل چٽي آهي ته ههڙا معاملا رڳو عددي گهڻائيءَ جي بنياد تي چپٽيون وڄائي حل نه ٿا ڪري سگهجن. وقت ۽ حالتون بدلجي وينديون آهن ته سولا مسئلا به مشڪل سان حل ڪري سگهبا آهن. مان سمجهان ٿو ته ان ڳالھ تي حيرت جو اظهار ۽ نمائشي انڪوائريون ڪرائڻ اجايو آهي ته جڏهن سينيٽ جي اجلاس دوران 64 سينيٽرن اٿي بيهي رٿ جي حمايت ڪئي ته پوءِ ڳجهي ووٽنگ دوران 14 ووٽ ڪيئن کسڪي ويا. سڀني کي خبر هوندي آهي ته ڪير ڪنهن جو ماڻهو آهي. هاڻي جڳ کي ڏيکارڻ خاطر الزام تراشي ۽ پنهنجي صفن ۾ لوٽن، ضمير فروشن، ويڪائن يا غدارن جي سکڻي ڳولا مان ڪجهه به نه ورندو. البته هڪ اڌ اڻ وڻندڙ سينيٽرن کي فارغ ڪري فائيل بند ڪيو ويندو. جيڪڏهن واقعي پارٽين کي بارودي سرنگهن کان پاڪ ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهرين پارٽين جي قيادتن کي پاڻ کي درست ڪرڻو پوندو نه ته ڳالھ اتي ئي وڃي بيهندي ته ”نانگ ويو نڪري، ليڪي پئي مار!“ هارس ٽريڊنگ، بليڪ ميلنگ ۽ برن نتيجن جي ڌمڪين وارا نياپا ۽ آڻ نه مڃيندڙ پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه وارن واقعن سان اسان جي سياسي تاريخ ڀري پئي آهي. سياسي راند ۾ شريڪ ڪا به ڌر معصوم ڪونهي، سياسي لاڏائو ماڻهو يعني ”ٽائيم بم“ هر پارٽي، سينيٽ ۽ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي اندر نصب ٿيل آهن، بس وقت اچڻ تي رڳو بٽڻ دٻائڻ جي دير هوندي آهي. اسان پنهنجي اکين جي آڏو پارٽيون، اسيمبليون، حڪومتون ۽ اليڪشنون ھاءِ جيڪ ٿيندي ڏٺيون ۽ ان ڏس ۾ سياسي پارٽين جو ڪردار به داغدار رهيو آهي.