29/07/2019

عمران خان جي حڪومت آڏو ڪر کڻي بيٺل چئلينج - صحبت ٻرڙو (Suhbat Buriro)


عمران خان جي حڪومت آڏو ڪر کڻي بيٺل چئلينج
ليکڪ : صحبت ٻرڙو

عمران خان جي حڪومت آڏو ملڪي توڙي عالمي محاذ تي نوان چئلينج ڪر کنيو بيٺا آهن ۽ ايئن پيو محسوس ٿئي ته حڪومت ٻنهي محاذن تي ايندڙ امڪاني تبديلين کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجو ذهن تيار ڪري ڇڏيو آهي پر ان ڏس ۾ سلامتي وارن ادارن جي حمايت کان سواءِ هن لاءِ وڏا فيصلا ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
عالمي سطح تي تيزيءَ سان گهڻ طرفيون پيش قدميون ٿي رهيون آهن. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران جي ايٽمي پروگرام کي روڪڻ لاءِ ڇھن عالمي طاقتن جي ڪيل ٺاھ کي هڪ طرفو ڇڏڻ ۽ ايران خلاف پابنديون سخت ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي. ٺاهه ۾ شامل ٻيا ملڪ فرانس، جرمني، برطانيا، روس ۽چين پنهنجو اثر ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا.

ايران تيل کڻي ويندڙ سامونڊي جهازن کي نشانو بڻائڻ جا الزام لڳايا ويا ۽ صورتحال ان وقت سنگين ٿي وئي جڏهن ايران پاران آمريڪا جو ڊرون ڪيرايو ويو. آمريڪا جو چوڻ هو ته ڊرون بين الاقوامي حدن ۾ هو، جڏهن ته ايران جي دعوا هئي ته سندس فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. عالمي ميڊيا جي رپورٽن مطابق، صدر ٽرمپ ايران مٿان حملي جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو جيڪو ان ئي رات واپس ورتو ويو. صدر ٽرمپ ايران کي مڪمل طور تي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ ڳالهين جي آڇ به ڪري رهيو آهي پر ساڳئي وقت نار واري علائقي ۾ فوجي طاقت ايتري حد تائين وڌائي ڇڏي آهي جو ڪنهن به گهڙي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي. آمريڪا ايران کي ٽي سيڪڙو يورينيم جي افزودگي جي ڪا به رعايت ڏيڻ نه ٿو چاهي، جڏهن ته ايران يورينيم جي افزودگي وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صدر ٽرمپ جي ذهن کي پڙهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ظاهري طور تي ته هو ايران سان جنگ نه ٿو چاهي، هو وچ مشرق ۽ افغانستان مان فوج واپس گهرائڻ واري پاليسي کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهيو آهي، پر هاڻوڪي صورتحال کي ڏسندي جنگ ڏانهن وڌندڙ امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.
آمريڪي پاليسين جو جائزو وٺڻ سان اها ڳالهه چٽي ٿي سامهون اچي ٿي ته صدر ٽرمپ افغانستان جي مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن طالبان کي ايران خلاف امڪاني جنگ جي صورت ۾ ڌر بڻجڻ کان پري رکجي. ان ڏس ۾ پاڪستان به پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مفاصلو ڪافي حد تائين گھٽ ٿيو آهي. صدر ٽرمپ جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان آمريڪا جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اهو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته صدر ٽرمپ ۽ وزيراعظم عمران خان هلندڙ مهيني جي 22 تاريخ تي واشنگٽن ۾ رٿيل ملاقات ۾ جيتوڻيڪ افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي وڌيڪ اهميت حاصل هوندي پر علائقي جي صورتحال ۽ ٻه طرفن لاڳاپن جي حوالي سان به جائزو ورتو ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گرم جوش لاڳاپن جي نئين سر شروعات ٿي سگهي ٿي. آمريڪا بلوچستان لبريشن آرمي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي پاڪستان سان تعلقات ۾ سنجيدگيءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
اسان جي ريجن ۾ هڪ وڏي تبديليءَ ڏانهن اشارو هي به آهي ته پاڪستان، چين، سعودي عرب ۽ ايران سميت ايشيا پئسفڪ جي 55 ملڪن سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر لاءِ ڀارت جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، سال 2021-22 لاءِ هيءَ چونڊ ايندڙ سال ٿيندي.
هن وقت ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ جي باري ۾ ڪا به پيشگوئي ڪرڻ مشڪل آهي. هڪ ڳالھ چٽي آهي ته آمريڪا، سعودي عرب ۽ سندن اتحادي ايران جي علائقائي اثر رسوخ محدود ڪرڻ جا خواهشمند آهن ۽ ان لاءِ اهي جنگ جو آپشن استعمال ڪري سگهن ٿا پر سڀ کان پهرين ايران کي اڪيلو ۽ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. بهرحال جنگ هن علائقي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندي ڇو ته ايران عراق وانگر سولو نه آهي، پر ڏسڻو هي آهي ته پاڪستان هن صورتحال مان پنهنجي جغرافيائي بيهڪ جو فائدو ڪيئن ٿو وٺي؟ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي لاءِ هيءَ هڪ قسم جي آزمائش به آهي. پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي جا رخ درست ڪري ورتا ته سندس لاءِ ترقي جون نيون راهون کلي وينديون.
ملڪي محاذ تي عمران خان جي حڪومت پنهنجي مخالفن جي رستن ۾ بارودي سرنگهون وڃائي ڇڏيون آهن. نيب ۽ ٻيا ادارا ڏينهن رات حڪومت مخالف سياستدان کي ڪيسن ۾ بدنام ۽ گرفتار ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ نه ٿا ڇڏين. عمران خان انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي ۽ سمجهي ٿو ته سڀئي طاقتون سندس حق ۾ آهن ان ڪري هو جيڪي ڪجهه ڪندو اهو کيس ڦٻي ويندو. پيپلزپارٽي کي داٻي هيٺ آڻڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف سياسي اخلاقيات کي به وساري ويٺي آهي. عمران خان جي ڪابينا جي هڪ چيتي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هڪ جادوگر گورنر سنڌ عمران اسماعيل ويٺو آهي جنهن کي وزير اعظم عمران خان جڏهن به سنڌ حڪومت جي تبديليءَ لاءِ چوندو ته هو 48 ڪلاڪن اندر تبديل ڪري ڏيکاريندو.
سوال اهو نه آهي ته جادوگرين سان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت بدلائي سگهجي ٿي يا نه. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا گورنر جو آئيني ۽ قانوني ڪردار جادوگريون ڏيکاري حڪومت بدلائڻ آهي؟ ٻئي پاسي وري نيب جي چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته پهرين احتساب انهن ماڻهن جو ٿيندو جيڪي ڏھ پندرهن سال اقتدار ۾ رهيا آهن. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته چيئرمين نيب ڪرپشن جو هڪڙو رستو جيڪو بند پيو آهي، ان جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو جواز جائز ٿو سمجهي پر حڪومتي ڌر جي پاسي اکيون بند رکڻ ٿو چاهي جڏهن ته جن جي لاءِ ڪرپشن جا رستا کليل آهن انهن تي ڪرڙي نظر رکڻ گهرجي. اهڙو رويو ظاهر ٿو ڪري ته هو جانبداري کان ڪم وٺي رهيو آهي. 
اپوزيشن جماعتن پاران آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ رهبر ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي جيڪا سينيٽ جي چيئرمين جي لاءِ ايندڙ هفتي نئين اميدوار جو اعلان ڪندي، جڏهن ته هن ئي مهيني جي 11 تاريخ تي اجلاس رڪيوزٽ ڪيو ويندو. ان سان گڏ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 25 جولاءِ تي احتجاجي جلسا ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. هن وقت رساڪشي ۾ حڪومتي ڌر کي اپوزيشن تي برتري حاصل آهي ۽ ايئن پيو محسوس ٿئي ته حڪومت اپوزيشن کي مڪمل طور تي زمين بوس ڪرڻ گهري ٿي، پر اهو ڪم ايڏو سولو ناهي، ڇو ته اپوزيشن جي صفن مان جيڪا نئين ليڊر شپ اڀري رهي آهي، دفاع سان گڏ حملي واري حڪمت عملي اختيار ڪري پنهنجي طاقت لاڳيتو وڌائيندي پئي وڃي. سياسي سوچ رکندڙ ڌرين جو خيال آهي ته جيڪڏھن حڪومت ڇڪتاڻ وڌائڻ وارو رستو ورتو ته پوءِ ”مان نه ته، توهان به نه“ واري صورتحال ۾ ڦاسي پوندي ۽ نتيجو اهو نڪرندو ته حڪومت نه رڳو ملڪي محاذ تي ڪجهه حاصل ڪري سگهندي بلڪ عالمي محاذ تي به ناڪامي سندس نصيب بڻجي ويندي.

(ڇپيل: روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچي، 9 جولاءِ 2019ع)

No comments:

Post a Comment