22/07/2019

راند ته اڃا شروع ئي نه ٿي آهي - صحبت ٻرڙو (Suhbat Buriro)


راند ته اڃا شروع ئي نه ٿي آهي
ليکڪ : صحبت ٻرڙو 


حڪومت پنهنجي دور جي انتهائي تڪراري بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته هيءَ بجيٽ منظور نه پر بلڊوز ڪئي وئي آهي. منظوري کان اڳ اپوزيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ محاذ آرائي ان حد تائين وڌي وئي جو مالي سال 2019_2020ع واري بجيٽ جي منظوري رولڙي ۾ پوڻ جو خطرو وڌي ويو هو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران بجيٽ تي تجويزون پيش ڪرڻ کان وڌيڪ زور مخالف سياسي ليڊرشپ کي نيچ ۽ ڪريل ثابت ڪرڻ تي لڳايو ويو. مملڪتي وزير حماد اظهر ته حد ڪري ڇڏي. هن صاحب آمريڪا جي اڳوڻن عهديدارن جا لکيل ڪتابن جا حوالا ڏئي پنهنجي مخالف اڳواڻن مٿان گند اڇلائيندي اهو به نه سوچيو ته اهڙي روش سان اسان ماضي ۾ ڇا حاصل ڪيو آهي ۽ اهڙا دستاويز کولبا ته سڀني جا اڇا منهن پڌرا ٿيا پيا آهن. هن وقت حڪومت ۾ جيڪي مهانڊا ويٺا آهن اهي آب زم زم سان ڌوتل نه آهن ۽ جڏهن انهن جا پتا پڌرا ٿيڻ شروع ٿيا ته کين لڪڻ جي جڳھ به نه ملندي. هاڻي ئي هنن جي اها حالت آهي جو لفظ سليڪٽيڊ به برداشت نه ٿا ڪري سگهن. حڪومتي ڌر کي بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ پيرن جي چائنٺ جي مٽي چٽڻي پئي. وزيراعظم عمران خان ته ان وقت شڪراني جا نفل پڙهيا هوندا جڏهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه حڪومت جي مشڪل معاشي پاليسي جي ڏس ۾ سڀني ڌرين کي پنهنجو ڪردار نڀائڻ جي صلاح ڏني جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کي ڄڻ اخلاقي حمايت ملي وئي. جيتوڻيڪ نئين بجيٽ جي ڪري اٿندڙ مهانگائي جي طوفان خلاف رد عمل طور تي جيڪا ڪاوڙ جنم وٺي چڪي هئي اها ٿڌي ته ڪونه ٿيندي پر وقتي طور تي اهو ٿي سگهي ٿو ته عام توڙي خاص ماڻهو حيرت سان گڏ ٿورو ٻئي رخ کان معاملي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃن. جڏهن ته مخالف ڌر به بجيٽ جي منظوري جي راہه ۾ رنڊڪ بڻجڻ واري پاليسي تان هٿ کڻي وئي جنهن جي ڪري حڪومت مخالف پارٽين جي ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙجڻ فطري ڳالھ آھي. ههڙي صورتحال آڏو اچڻ کان پوءِ به ڇا اسان مستقبل قريب ۾ ڪنهن اهڙي تحريڪ جي باري ۾ سوچي سگهون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر حڪومت وجود ۾ اچڻ جي اميد ڪري سگهجي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻين ڪيترن ئي عنصرن سان گڏ تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ ۾ مسلم ليگ نون ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن جي خراب ڪارڪردگي به هڪ اهم عنصر هئي پر تحريڪ انصاف پنهنجي حڪومت جي نون مهينن ۾ ئي عوام جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا آهن تنهنڪري ماڻهو هاڻي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز ڏانهن واجهائڻ لڳا آهن. ٻنهي جي سياسي سوچ ۽ فڪر ۾ وڏو فرق آهي ۽ سياسي مفاد به الڳ الڳ آهن پر حالتن ٻنهي کي گڏ ويهڻ تي مجبور ڪيو آهي. بلاول ۽ مريم پنهنجي پنهنجي قيادت تي عوام جو ڀروسو ماڻڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو پر جيڪڏهن ويجهي مستقبل ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز گڏجي ميدان ۾ نڪري پيا ته سياسي منظرنامو بلڪل به بدلجي ويندو پر ان لاءِ ضروري آهي ته ٻئي پارٽيون ماضي ۾ ڪيل پنهنجي سنگين غلطين کان نجات حاصل ڪرين ۽ بهتر کان بهتر جمهوريت ۽ عوام کي مسئلن کان نجات ڏيارڻ وارو رستو وٺن. ٻئي صورت ۾ ٻنهي جو ڪوبه آئيندو نه هوندو.

بجيٽ ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان منظور ٿي وئي پر سياسي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ وڌيڪ شدت ايندي پئي وڃي. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف وچين مدي وارين چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سان گڏ 2019ع وارين چونڊن جي جاچ لاءِ جوڙيل پارليامينٽري ڪميٽي تان استعيفا جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي وري حڪومت مخالف ڌر جي پارٽين ۾ ٽوڙ ڦوڙ وارا روايتي حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. تازو ئي پنجاب اسيمبلي ۾ مسلم ليگ نون جي 15 کن ناراض ميمبرن کي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات لاءِ بني گالا پهچايو ويو پر انهن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا. اهڙي نوعيت جي ڪارروائي ٻين پارٽين سان به ٿي سگهي ٿي ۽ ظاهر آهي ته اها رڳو صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن تائين محدود نه هوندي بلڪ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پڻ نوان نوان انڪشاف ڪرايا ويندا. ههڙين چالن جا اثر سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ دوران به ڏسڻ ۾ ايندا. اپوزيشن جماعتن پاران آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ويو هو ته سڀ کان پهرين سينيٽ جي چيئرمين کي هٽايو ويندو جنهن سان اپوزيشن جماعتن جي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ سنجيدگي جو اظهار ٿيندو. صادق سنجراڻي جو تعلق بلوچستان سان آهي جنهن کي سينيٽ جو چيئرمين بڻائڻ ۾ پيپلزپارٽي خاص طور تي آصف علي زرداري جو وڏو هٿ هو. اهو ئي سبب آهي جو صادق سنجراڻي کي سندس عهدي تي برقرار رکڻ لاءِ سڀ کان پهرين آصف علي زرداري سان رابطو ڪيو ويو آهي. صادق سنجراڻي کي سينيٽ جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ اپوزيشن جماعتن جي پهرين وڏي آزمائش آهي. ڏٺو وڃي ته هاڻي تائين اپوزيشن جماعتن وچ ۾ هڪٻئي تي اعتبار يا اعتماد جي وڏي کوٽ چٽي طرح سان نظر اچي رهي آهي. هڪ پاسي مسلم ليگ نواز ۽ مولانا فضل الرحمان واري جميعت علماء اسلام جو زور وچين مدي وارين چونڊن تي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي اهڙي ڪنهن به قسم جي مهم جوئي کان پاسو ڪرڻ گهري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽين ڌر کي اقتدار تي قبضي جو بهانو ملي وڃي. جيتوڻيڪ بظاهر اهڙي صورتحال ڏسڻ ۾ نه پئي اچي پر ماضي سدائين ڊيڄاريندڙ رهي ٿو. بهرحال آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلن موجب تحريڪ جي سلسلي ۾ رهبر ڪميٽي کي رهبري ڪرڻي آهي. تحريڪ جي آغاز جو اهم نڪتو چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي کي هٽائڻ آهي. ان لاءِ ايوان ۾ اپوزيشن کي اڪثريت حاصل آهي پر ان ڏس ۾ هڪ پيچيدگي متبادل اميدوار جي چونڊ ۽ ٽوڙ ڦوڙ کان بچڻ به آهي. آصف علي زرداري ڀوڳ ڀوڳ ۾ سينيٽ جي چيئرمين جي عهدي لاءِ پنهنجو نالو ڏنو آهي پر ان کي سنجيده ورتو ويندو يا نه، ان ڏس ۾ ڪجهه چوڻ مناسب نه آهي. جيڪڏھن گڏيل حڪمت سان اپوزيشن اهو مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته پوءِ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي لاءِ مشڪلاتون وڌي وينديون پر اهڙي ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي ته هن حڪومت کي ھلڪي ڦلڪي تحريڪ ذريعي ڪيرائي سگهجي ٿو. ان منزل تائين پهچڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. راند اڃا شروع ئي نه ٿي آهي، شروع ٿئي ته پوءِ ئي ان جي رخ بابت ڪجهه چئي سگھبو.
(ڇپيل: روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچي، پهرين جولاءِ 2019ع)

No comments:

Post a Comment