09/08/2019

مخالف ڌر کي سينيٽ ۾ مليل شڪست ۾ ڪنهن جو ڏوهه آهي؟ - صحبت ٻرڙو (Suhbat Buriro)


مخالف ڌر کي سينيٽ ۾ مليل شڪست ۾ ڪنهن جو ڏوهه آهي؟
ليکڪ: صحبت ٻرڙو

اپوزيشن پارٽيون محترم صادق سنجراڻي کي سينيٽ جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ 
۾ ناڪامي کان پوءِ وري ان جاءِ تي پهچي ويون آهن جتان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شروعات ڪئي هئي. اپوزيشن جون ٻئي وڏيون جماعتون مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي هڪٻئي کي اڳ به شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيون هيون ۽ هاڻي وري هڪ ٻئي مٿان چيئرمين جي چونڊ ۾ سازباز جي الزام تراشيءَ سبب ٻنهي جي وچ ۾ مفاصلو اڳ جي ڀيٽ ۾ اڃا به وڌي ويو آهي جنهن کي گهٽائڻ جي لاءِ وري نئين سر شروعات ڪرڻي پوندي ۽ اعتماد سازيءَ جي لاءِ نوان رستا ۽ طريقا ڳولڻا پوندا. هڪ ڳالھ بلڪل چٽي آهي ته ههڙا معاملا رڳو عددي گهڻائيءَ جي بنياد تي چپٽيون وڄائي حل نه ٿا ڪري سگهجن. وقت ۽ حالتون بدلجي وينديون آهن ته سولا مسئلا به مشڪل سان حل ڪري سگهبا آهن. مان سمجهان ٿو ته ان ڳالھ تي حيرت جو اظهار ۽ نمائشي انڪوائريون ڪرائڻ اجايو آهي ته جڏهن سينيٽ جي اجلاس دوران 64 سينيٽرن اٿي بيهي رٿ جي حمايت ڪئي ته پوءِ ڳجهي ووٽنگ دوران 14 ووٽ ڪيئن کسڪي ويا. سڀني کي خبر هوندي آهي ته ڪير ڪنهن جو ماڻهو آهي. هاڻي جڳ کي ڏيکارڻ خاطر الزام تراشي ۽ پنهنجي صفن ۾ لوٽن، ضمير فروشن، ويڪائن يا غدارن جي سکڻي ڳولا مان ڪجهه به نه ورندو. البته هڪ اڌ اڻ وڻندڙ سينيٽرن کي فارغ ڪري فائيل بند ڪيو ويندو. جيڪڏهن واقعي پارٽين کي بارودي سرنگهن کان پاڪ ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهرين پارٽين جي قيادتن کي پاڻ کي درست ڪرڻو پوندو نه ته ڳالھ اتي ئي وڃي بيهندي ته ”نانگ ويو نڪري، ليڪي پئي مار!“ هارس ٽريڊنگ، بليڪ ميلنگ ۽ برن نتيجن جي  ڌمڪين وارا نياپا ۽ آڻ نه مڃيندڙ پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه وارن واقعن سان اسان جي سياسي تاريخ ڀري پئي آهي. سياسي راند ۾ شريڪ ڪا به ڌر معصوم ڪونهي، سياسي لاڏائو ماڻهو يعني ”ٽائيم بم“ هر پارٽي، سينيٽ ۽ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي اندر نصب ٿيل آهن، بس وقت اچڻ تي رڳو بٽڻ دٻائڻ جي دير هوندي آهي. اسان پنهنجي اکين جي آڏو پارٽيون، اسيمبليون، حڪومتون ۽ اليڪشنون ھاءِ جيڪ ٿيندي ڏٺيون ۽ ان ڏس ۾ سياسي پارٽين جو ڪردار به داغدار رهيو آهي.

ناڪاميون ۽ ڪاميابيون تحريڪن جو لازمي حصو هونديون آهن. دنيا ۾ جيڪي به ننڍيون وڏيون تحريڪون ھليون آهن انهن کي ڪڏهن به سڌو رستو نه مليو. اڳتي وڌڻ، پوئتي هٽڻ، تيز هلڻ يا وري کڏن کوٻن مان گذرڻ، دوکا ۽ غداريون هر تحريڪ جو مقدر هونديون آهن. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ حڪومت خلاف تحريڪ جي حوالي سان ڪيتريون ئي تجويزون رکيون ويون ھيون جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ تان استعيفائون ڏيئي وڏو سياسي بحران پيدا ڪرڻ واري رٿ به شامل هئي جنهن جي مسلم ليگ نون ۽ مولانا فضل الرحمان واري جميعت علماء اسلام وڏي حمايت ڪئي پر پيپلز پارٽي اهڙو رستو قبولڻ جي لاءِ تيار نه هئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽين ڌر جي اقتدار تي قبضي جو خطرو وڌي وڃي. اپوزيشن جماعتن جي لاءِ اصل معاملو ان وقت به اعتماد سازيءَ جو هو ان ڪري سڀني جماعتن محترم صادق سنجراڻيءَ کي سينيٽ جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ واري نقطي تان تحريڪ جي ابتدا تي اتفاق ڪيو. بهرحال اپوزيشن جماعتن کي وڏي سنجيدگيءَ سان ان ڳالھ جو جائزو وٺڻو پوندو ته محترم صادق سنجراڻي جا پير زور هئا يا اپوزيشن جي دل ۾ به کوٽ هو، جو سينيٽ ۾ بي اعتماديءَ واري رٿ ناڪام ٿي وئي. جيڪڏهن سينيٽرن جي خريداري يا وڪري جي معاملي کي ڏٺو وڃي ته بدنامي ٻنهي ڌرين جي ٿي آهي. حڪومت جي بدنامي اها ٿي ته عمران خان ماضيءَ ۾ هارس ٽريڊنگ، دٻاءَ، بليڪ ميلنگ ۽ گندن طريقن سان پارليامينٽ جي ميمبرن جي خريداري ۽ وڪري جي مخالفت ڪندو رهيو، پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجا سياسي مقصد ماڻڻ لاءِ ساڳيو بدترين رستو اختيار ڪيو. حڪومت جي اھڙي روش جي ڪري سندس ساک کي ملکي توڙي عالمي سطح تي سخت هاڃو رسيو آهي. ٻئي پاسي وري اپوزيشن جماعتون به وڏي آزمائش ۾ اچي ويون آهن، هنن جي ليڊر شپ مٿان به ڳجهي سمجهوتي بازي جا الزام سامهون آيا آهن. ان ڏس ۾ کين نه رڳو هڪٻئي مٿان اعتماد وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي پنهنجي صفن کي درست ڪرڻو آهي بلڪ تحريڪ نئين سر اڳتي وٺي هلڻ جي لاءِ عوام جي مسئلن کي وڌيڪ سنجيدگيءَ سان اڳيان رکڻو پوندو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نون پارليامينٽ جي بزنيس رولز ۾ ترميم جي باري ۾ سوچي رهيون آهن جنهن تحت چيئرمين يا وائيس چيئرمين سينيٽ کي هٽائڻ يا اهڙي نوعيت جي ٻين معاملن ۾ ڳجهي ووٽنگ جي ضرورت نه پوي. اهڙي ئي سوچ جو اظهار ماضي ۾ تحريڪ انصاف به ڪري چڪي آهي، پر هن صورتحال ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهڙي ترميم تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر وچ ۾ اتفاق ٿيڻ ممڪن آهي. سولو جواب اهو آهي، نه، ويجهي مستقبل ۾ اهو ممڪن ناهي، ها البته هي ٽرم پورو ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سينيٽ ۾ تحريڪ انصاف جي سينيٽرن جو انگ وڌي ويندو ته ممڪن ٿي سگهي ٿو.
هن وقت اها سوچ عام آهي ته حڪومت توڙي اپوزيشن کي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ سان ڪا به دلچسپي ناهي، ٻئي پنهنجي پنهنجي گروهي مفادن جي پورائي لاءِ هر حربو استعمال ڪري رهيون آهن. عوام مهانگائي سبب حڪومت کان بيزار ٿي پيو آهي، هن کي ڪيسن سان ڪا به دلچسپي ناهي پر اپوزيشن تي به اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪونهي. مٿان وري حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪجهه جماعتن جي وچ ۾ ڳجهن لاڳاپن جي اطلاعن به بي اعتماديءَ جي فضا پيدا ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نون جي قيادت ڪرپشن جي سنگين ڪيسن ۾ بند آهي ۽ جيلن کان ٻاهر ويٺل اڳواڻن خلاف نوان ڪيس تيار آهن. ڏٺو وڃي ته اپوزيشن هن صورتحال ۾ شديد دٻاءَ هيٺ آهي. بظاهر حڪومت مخالف تحريڪ جي ڪاميابي جا امڪان ويجهي مستقبل ۾ پري پري تائين ڏسڻ ۾ ڪونه پيا اچن. خطي جون حالتون به وڏي تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ شايد ويجهڙ ۾ پاڪستان جي دوري تي اچڻ وارو آهي. عمران خان جي آمريڪا جي دوري کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ گرم جوشي وڌي آهي ۽ خاص طور تي افغانستان ۾ آمريڪي ايجنڊا تحت پاڪستان سرڪار کي اهم ڪردار ملڻ کان پوءِ عمران خان جو اعتماد اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌي ويو آهي. عالمي قوتون ڪڏهن به اهو نه چاهينديون ته عمران خان جي حڪومت اندروني طور تي ڪنهن به قسم جي دٻاءَ جو شڪار بڻجي. ساڳئي وقت اهو تاثر به پختو ٿي چڪو آهي ته حڪومت ۽ فوجي قيادت سمورن معاملن ۾ هڪ پيج تي آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کلي عام اهو چئي رهيو آهي ته اسان جي حڪومت ۾ پاڪستان جو ڪوئي به اهڙو مسئلو نه آهي جنهن ۾ فوج کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو هجي. اهڙو نظارو آمريڪا جي دوري دوران به نظر آيو.
لڳي ٿو ته اسان تاريخ جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ڀلي ان کي ڪهڙو به خراب نالو ڏيون ان تي ڪو فرق نه پوندو. هي دور مختصر به ٿي سگهي ٿو ته ڊگهو به، پر هڪ ڳالھ صاف ڏسڻ ۾ پئي اچي ته جمهوري، عوامي ۽ روشن خيال قوتون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمزور ٿيون آهن .
(ڇپيل: روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾، 9 آگسٽ 2019ع)

No comments:

Post a Comment