29/07/2019

عمران - ٽرمپ ملاقات ۾ پاڪستان جو ڪيس ڪيئن پيش ڪيو ويندو؟ - صحبت ٻرڙو (Suhbat Buriro)


عمران - ٽرمپ ملاقات ۾ پاڪستان جو ڪيس ڪيئن پيش ڪيو ويندو؟
ليکڪ : صحبت ٻرڙو

وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي ٽن ڏينهن واري دوري جي سلسلي ۾ سومر تي وائيٽ هائوس ۾ صدر ڊونالڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪري رهيو آهي. هڪ ڏيڍ ڪلاڪ جي هيءَ ملاقات نئين عالمي منظرنامي ۾ ڏاڍي اهميت رکي ٿي. شيخ رشيد جهڙن جو چوڻ آهي ته  پاڪستاني ٽرمپ آمريڪي ٽرمپ سان ملي رهيو آهي جنهن جو نتيجو ڪجهه به نڪري سگهي ٿو. جڏهن ته حقيقت ايئن نه آهي. عمران خان هڪ ڪمزور ۽ قرضن ۾ ٻڏل ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي. هو نه ته ٽرمپ وانگر وڏا فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ نه ئي وري کيس عالمي سطح جو باوقار ۽ مدبر سياستدان ليکيو وڃي ٿو. ڊپلوميسي جو علم شايد هن جي سر مٿان به نه گذريو. آمريڪي صدر سان ملاقات جي ايجنڊا مبهم رکي وئي آهي. مبصرن جو خيال آهي ته هن ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ نئين حڪومت جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي گھڻو فوڪس ڪيو ويندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاھ محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي افغانستان ۾ آمريڪي اوليتن کي سمجهڻو پوندو. جڏهن ته وائيٽ هائوس مطابق هن ملاقات دوران آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ معاشي آسودگي جي راه هموار ٿي سگهي.

پاڪستان هن وقت تاريخ جي هڪ اهڙي موڙ تي پهتو آهي جتان پنهنجو سفر صحيح رخ ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پارليامينٽ، حڪومت، عدليا ۽ ٻين رياستي ادارن کي ماضيءَ جي بلڪل ابتڙ سخت کان سخت ۽ بدليل حالتن مطابق فيصلا ڪرڻا پوندا. هاڻي اسان کي نتيجن جي پرواهه ڪرڻي آهي ڇو ته جيڪڏھن رياست پاڻ کي درست نه ڪيو ته پوءِ پڇتائڻ جو موقعو به مشڪل سان ملندو. سڀ کان پهرين شروعات عمران خان جي حڪومت کي اندروني محاذ تان ڪرڻي آهي، سست ۽ ڪمزورين سان ڀريل پاليسيون ملڪ آڏو ڪر کڻي بيٺل سنگين معاشي بحران کان نجات ڏيارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيون ڪري سگهن. ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ، اپوزيشن پارٽين، واپارين، وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ ملڪي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ٻين ادارن کي کڻي هلڻو پوندو. ٻه اڳوڻا وزيراعظم ۽ اڳوڻو صدر ڪرپشن جي الزامن هيٺ گرفتار آهن ۽ ٻين اڳواڻن خلاف وٺ پڪڙ جاري آهي پر اها ڳالهه چٽي آهي ته اپوزيشن ۽ ميڊيا کي ڀت سان لڳائڻ جو نتيجو نه ماضيءَ ۾ سٺو مليو آهي ۽ نه ئي وري مستقبل ۾ سٺو ملندو. ملڪ اندر سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ فطري عمل آهي پر ان کي دشمني واري حد تائين وٺي وڃڻ، باهمي احترام کي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏڻ ۽ جمهوري عمل جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ سان ڪڏهن به ترقي جي منزل ماڻي نه سگهنداسين. پرڏيهي پاليسي ملڪي حالتن جو ئي آئينو هوندي آهي. اسان جي ملڪ جون اندروني حالتون عام طور تي عدم استحڪام ۽ معاشي بحرانن جو شڪار رهيون آهن اهو ئي سبب آهي جو اسان جي پرڏيهي پاليسي سدائين خوف ۾ ورتل رهي آهي.
آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن جي تاريخ گرم ۽ سرد روين مان گذري هن منزل تي پهتي آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت هڪٻئي مٿان اعتماد جي بحالي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه اڳڀرائي جي اميد رکي ٿي. صدر ٽرمپ پنهنجي ووٽرن سان افغانستان مان آمريڪي فوجون واپس گهرائڻ وارو وعدو پورو ڪرڻ گهري ٿو، ان لاءِ کيس پاڪستان جي سهڪار جي سخت ضرورت آهي. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ ايران جي ڪردار کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي پر جيئن ته صدر ٽرمپ پاران ايران خلاف عالمي پابندين جي اعلان کان پوءِ ٻئي ملڪ جنگ جي ڪناري تي پهچي ويا آهن ان ڪري پاڪستان جو ڪردار ويتر وڌي ويو آهي. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ جي باري ۾ ڪا به پيشگوئي ڪرڻ مشڪل آهي پر هڪ ڳالھ چٽي آهي ته نار ۾ ڇڪتاڻ عروج تي پهچي چڪي آهي. آمريڪا، سعودي عرب ۽ سندن اتحادي ايران جي علائقائي اثر رسوخ محدود ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ڪجهه  آمريڪي عملدار به ايران اندران سياسي تبديلي يا جنگ کي منطقي نتيجا ماڻڻ جو اهم ذريعو سمجهن ٿا پر صدر ٽرمپ آمريڪا کي نئين جنگ ڦاسائڻ نه ٿو چاهي. بهرحال جنگ هن علائقي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿيندي، ڇو ته ايران عراق وانگر سولو ثابت نه ٿيندو. صدر ٽرمپ جلد کان جلد افغانين سان معاملا حل ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙيءَ صورتحال ۾ صدر ٽرمپ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪردار ۽ طالبان تي اثر رسوخ کي وڌيڪ اهميت حاصل هوندي پر علائقي جي مجموعي صورتحال ۽ ٻه طرفن لاڳاپن جي حوالي سان به ضرور جائزو ورتو ويندو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گرم جوش لاڳاپن جي نئين سر شروعات ٿي سگهي ٿي. صدر ٽرمپ شروع کان پاڪستان ڏانهن سخت رويو اختيار ڪيو هو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ملندڙ امداد روڪي ڇڏي هئي پر هاڻي بدلجندڙ حالتن ۾ آمريڪا بلوچستان لبريشن آرمي کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي پاڪستان سان تعلقات ۾ سنجيدگيءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پاڪستان به عالمي برادري ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جنگ دوران ڏنل قربانين کي مڃتا ڏيارڻ ۽ پنهنجو وقار بحال ڪرڻ جي لاءِ اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. تازو ئي جماعت دعوت جي سربراہ حافظ سعيد کي دهشتگردن جي مدد ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري پنهنجي پاليسي ۾ بنيادي تبديليءَ جو ثبوت ڏنو آهي. صدر ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته ٻن سالن کان حافظ سعيد جي گرفتاري جي لاءِ دٻاءُ وڌو پئي ويو. جڏهن ته ايف اي ٽي ايف پاران پڻ لاڳيتو دهشتگرد تنظيمن ۽ انهن جي فنڊنگ خلاف ڪارروائي تي زور ڀريو پئي ويو ته جيئن پاڪستان بليڪ لسٽ ٿيڻ کان بچي سگهي. 
ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان پنهنجي جغرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان خطي ۾ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو جنهن کي نظر انداز ڪرڻ جي غلطي آمريڪا جهڙو سپر پاور به نه ٿو ڪري سگهي، اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم عمران خان اڄ صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو مهمان آهي. چيو وڃي ٿو ته صدر ٽرمپ پاران عمران خان جي اعزاز ۾ مانجهاندي واري تقريب جو به انتظام ڪيو ويو آهي. هن دوري ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه به عمران خان سان گڏ آهي. پاڪستاني قيادت کي پرڏيهي محاذ تي غير معمولي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ غير معمولي فيصلا ڪرڻا آهن. خطي جي صورتحال ۾ تيزيءَ سان تبديليون اچي رهيون آهن. عالمي منظرنامي تي پاڪستان جي معتبر ۽ باوقار مقام جي حاصلات لاءِ ضروري آهي ته وزيراعظم عمران خان صدر ٽرمپ سان مختصر ملاقات جو ڀرپور فائدو وٺي ڏيکاري. پاڪستان جو ڪردار رڳو آمريڪا جون افغانستان ۾ ضرورتون پورو ڪرڻ تائين محدود نه هئڻ گهرجي. پاڪستان جون به هن خطي ۾ ڪيئي اوليتون آهن جن کي وزن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هاڻي ڏسون ته عمران خان پاڪستان جو ڪيس ڪيئن ٿو پيش ڪري.
(روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾، 22 جولاءِ 2019ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment