عمران خان جي دوري کان پوءِ آمريڪا سان نون لاڳاپن جي شروعات ٿي
چڪي آهي؟
ليکڪ: صحبت ٻرڙو
ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر
ڊونالڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ٿيل هاڻوڪي ملاقات جو محور افغانستان ۾ امن جي لاءِ جاري
ڪوششن ۾ پاڪستان جي سرگرم ڪردار کي يقيني بڻائڻ رهيو، پر ساڳئي وقت ماضيءَ جي
حڪومتن دوران آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۾ جيڪا سختي اچي وئي هئي،
ان کي ختم ڪري بدليل حالتن جي ضرورت جي پيش نظر پرجوش لاڳاپن جي نئين سر شروعات پڻ
ڪرڻ هو، ڇو ته پاڪستاني قيادت اها ڳالھ شدت سان محسوس ڪري رهي آهي ته آمريڪا دنيا
جي هڪ وڏي فوجي توڙي معاشي طاقت آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ ان سان دشمني ههڙين حالتن ۾
سهپ کان ٻاهر هوندي. عمران خان پاڪستان جو ڪيس ڪيتري مهارت سان آمريڪا آڏو رکيو،
ان جي باري ۾ ڪي به ڳالهيون اڃا سامهون نه آنديون ويون آهن. ھاڻي تائين رڳو آمريڪا
جي پاسي جو موقف سامهون آيو آهي. ان مطابق پاڪستان پاران کيس ڪيتريون ئي خاطريون
ڪرايون ويون آهن پر ان جي بدلي ۾ پاڪستان کي ڇا حاصل ٿيندو اهو به آهستي آهستي
کلندو ويندو.
سفارتي ٻوليءَ ۾ وزيراعظم عمران خان پاران آمريڪا جو هي دورو
ٽئين درجي وارو هو جنهن جو انتظام به آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ڪيو، پر ان جي
لاءِ به چيو وڃي ٿو ته سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان خاص ڪوششون ورتيون هيون،
تڏهن وڃي اهو ممڪن بڻيو. وائيٽ هائوس مطابق پھريون درجو اسٽيٽ وزٽ کي ڏنو ويندو
آهي جنهن تحت رياستي سربراهه کي آمريڪي صدر پاران باقاعدي دعوت ڏني ويندي آهي،
مهمان کي سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ ٽن چئن ڏينهن جي رهائش سان گڏ رات جي ماني تقريب ۽
ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقاتون به شامل هونديون آهن. ٻيو درجو آفيشل وزٽ کي حاصل
آهي. ان لاءِ رياستي يا حڪومتي سربراہه کي آمريڪي صدر باقاعدي دعوت ڏيندو آهي، ان
۾ به بليئر هائوس يا سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ رهائش، دعوتون، تقريبون ۽ ڪانگريس جي
ميمبرن سان ملاقاتون شامل هونديون آهن.
عمران خان کي جنهن دوري جي دعوت ڏني وئي هئي ان کي آفيشل ورڪنگ
وزٽ چيو ويندو آهي جيڪو ٽئين درجي جو ليکيو ويندو آهي. آمريڪي صدر پاران دوري جي
دعوت ڏني ويندي آهي، ان ۾ صدر سان ملاقات ۽ مانجهاندي جي دعوت شامل هوندي آهي پر
سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ رهائش، ٻيون دعوتون ۽ ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقاتون ضروري
ناهن.
صدر ڊونالڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس پهچڻ تي وزيراعظم عمران خان جي
آجيان ڪئي، ساڻس گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ ٻانهن تي ٿپڪي پڻ ڏني. اتي ئي ملاقات کان
پوءِ اوول آفيس ۾ ڳالهيون ٿيون جنھن ۾ عمران خان سان گڏ آرمي چيف جنرل قمر جاويد
باجوه، آءِ ايس آءِ چيف ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا.
جيتوڻيڪ هن نوعيت جي ملاقاتن ۾ سول حڪمرانن پاران فوجي قيادت کي ساڻ رکڻ کان پاسو
ڪيو ويندو آهي ڇو ته سامهون وارو ان جو تاثر اهو به وٺي سگهي ٿو ته شايد سول حڪومت
ڪمزور آهي پر عمران خان پنهنجي پسند جي حڪمت عملي تحت اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ هو نه
رڳو ملڪ اندر بلڪه دنيا کي به ڄاڻي واڻي اهو تاثر پوري ڪاميابيءَ سان ڏئي رهيو آهي
ته پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت هڪ ئي صفحي تي آهي. ان ڳالھ جي تصديق پرڏيهي وزير
شاهه محمود قريشي ملاقات کان پوءِ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ به ڪئي. هن جو چوڻ آهي ته
صدر ٽرمپ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ ان ڳالھ کي واکاڻيو ته پاڪستان جي سول ۽
فوجي قيادت هڪ صفحي تي آهي.
اطلاعن موجب اوول آفيس ۾ صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا افغانستان ڇڏڻ
جي لاءِ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اهو ته آمريڪا علائقي ۾ پوليس مين وارو
ڪردار هاڻي نٿو چاھي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته پاڪستان هاڻي اسان جي افغانستان ۾ وڏي مدد
ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان ماضيءَ ۾ لکين ڊالر پاڪستان کي ڏنا پر موٽ ۾ نفرت انگيز
رويو مليو. شايد صدر ٽرمپ اهو وساري ويٺو آهي ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ
آمريڪا افغانستان مان سمورا ٽپڙ گول ڪري پاڪستان کي ٻڌائڻ کان سواءِ ئي هليو ويو
هو ۽ افغان مهاجرن ۽ افغانستان اندر گهرو ويڙهه جو سڄو ٻوجهه پاڪستان مٿان اڇلائي
ڇڏيو هو. صدر ٽرمپ هن ملاقات ۾ اهو اشارو به ڏنو ته گذريل سال کان روڪيل 1.3 بلين
ڊالر واري امداد وري بحال ڪري سگهجي ٿي ۽ ڏھ کان ويھ تائين واپار به وڌائي سگهجي
ٿو. ان ڏس پرڏيهي وزير شاھ محمود قريشي جو چوڻ آهي ته عمران خان صدر ٽرمپ آڏو چٽي
طرح چئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان کي امداد کان وڌيڪ واپار جي ضرورت آهي.
وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ۾ صدر ٽرمپ پاران ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ کي پاڪستان سفارتي سطح تي پنهنجي سڀ کان وڏي ڪاميابي سمجهي ٿو. رپورٽ مطابق صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته مان ٻه هفتا کن اڳ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان گڏ هوس، اسان ان موضوع تي ڳالھ ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ڇا توهان ان معاملي ۾ ٽياڪڙ بڻجڻ چاهيندئو؟ جواب ۾ مون پڇيو ته ڪٿي؟ هن چيو: ڪشمير. منهنجو خيال آهي ته هو چاهي ٿو ته هي مسئلو حل ٿي وڃي. ڇا توهان چاهيو ٿا ته معاملو حل ٿي وڃي؟ عمران خان آمريڪي صدر کي جواب ۾ چيو ته توهان هي مسئلو حل ڪيو ته لکين ماڻهو دعائون ڏيندا.
وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ۾ صدر ٽرمپ پاران ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ کي پاڪستان سفارتي سطح تي پنهنجي سڀ کان وڏي ڪاميابي سمجهي ٿو. رپورٽ مطابق صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته مان ٻه هفتا کن اڳ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان گڏ هوس، اسان ان موضوع تي ڳالھ ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ڇا توهان ان معاملي ۾ ٽياڪڙ بڻجڻ چاهيندئو؟ جواب ۾ مون پڇيو ته ڪٿي؟ هن چيو: ڪشمير. منهنجو خيال آهي ته هو چاهي ٿو ته هي مسئلو حل ٿي وڃي. ڇا توهان چاهيو ٿا ته معاملو حل ٿي وڃي؟ عمران خان آمريڪي صدر کي جواب ۾ چيو ته توهان هي مسئلو حل ڪيو ته لکين ماڻهو دعائون ڏيندا.
ڀارتي حڪومت صدر ٽرمپ جي هن بيان تي سخت چڙي پئي آهي. ڀارتي
پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي صدر کي ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي لاءِ
وزيراعظم مودي ڪڏهن به نه چيو آهي، هي ٻه طرفو معاملو آهي، ان کي شملا ٺاھ ۽ لاهور
اعلان نامي موجب حل ڪيو ويندو. اسان واري علائقي ۾ امن جو خواب تيستائين ساڀيان
ٿيڻ ممڪن ناهي جيستائين ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو، پر ڀارت هڪ طاقتور ڌر آهي ۽ ان
جي خواهش جي ابتڙ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي ڪري سگهجي، ان ڪري صدر ٽرمپ جي ٽياڪڙي واري
آڇ به رڳو آڇ ئي رهجي ويندي. ماضيءَ ۾ به آمريڪا جي صدرن پاران اهڙيون آڇون آيون
پر نتيجو ٻڙي نڪتو.
عمران خان جي حڪومت ان ڳالھ تي ڏاڍي خوش ٿي رهي آهي ته هاڻي
کائنس ڊو مور جو مطالبو نه ڪيو ويندو، پر اسان ان کي خوش فهمي چئي سگهون ٿا. وائيٽ
هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چٽي طرح چيو ويو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي
بحالي لاءِ ڳالھ ٻول جي عمل کي ڪامياب بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ ان ڏس ۾ کيس
وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويندو. ان سان گڏ اهو به چٽن لفظن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان
پنهنجي سرزمين تي سرگرم دهشتگردن جي خلاف ڪجهه قدم کنيا آهن پر اها ڳالهه اهم آهي
ته پاڪستان هميشه جي لاءِ انهن سڀني گروهن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪري. آمريڪا جو
هي موقف سامھون اچڻ کان پوءِ اها ڳالھ چٽي آهي ته پاڪستان پاران ھاڻي تائين
دهشتگردن جي خلاف جيڪي ڪارروائيون ڪيون ويون آهن آمريڪا انهن تي مطمئن نه آهي ۽ ان
ڏس ۾ هو وڌيڪ ڇا ٿو چاهي اهو به آهستي آهستي آڏو اچي ويندو.
بهرحال هڪڙي ڳالهه چٽي آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ نون
لاڳاپن جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان جا ويجهي مستقبل ۾ ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻا آهن.
صدر ٽرمپ جي انتظاميا دٻاءُ وجهڻ واري پاليسي کي في الحال پاسيرو رکي اسان سان
معاملن کي اڳتي وڌائڻ گهري ٿي پر پاڪستان کي رڳو واپار وڌائڻ سان گڏ امداد جي به
سخت ضرورت آهي. اسان کي پنهنجو پاڻ کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ ۽ ٻيا مفاد حاصل ڪرڻ
جي لاءِ عالمي برادري سان گڏ هلڻ جي ضرورت پوندي. هاڻي اسان کي بدليل حالتن مطابق
پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي نئين شڪل ڏيڻي آهي ان جي لاءِ جمهوري نظام جو مضبوط هئڻ
به ضروري آهي جيڪڏهن اسان روايتي سستي، لاپرواهي يا پراڻي روش برقرار رکي ته پوءِ
اهو ئي چئبو ته پنهنجي وڍئي جو نه ڪو ويڄ آ، نه ئي طبيب.
(ڇپيل: روزاني ڪاوش حيدرآباد، 26 جولاءِ 2019ع)

No comments:
Post a Comment