تڪراري ويڊيو کان پوءِ
حڪومت لاءِ پيدا ٿيل پريشانيون!
ليکڪ: صحبت ٻرڙو
تاريخ به ڏاڍي عجيب شيءِ
آهي، اهڙن اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي جو جڏهن اهي سامهون اچڻ ٿا ته، هينئون حيرت
۾ پئجي وڃي ٿو. ڪالهوڪي ڳالھ آھي ته نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو
۽ سندس ور آصف علي زرداري کي ريفرنسز ۾ سزا جي حوالي سان ان وقت جي هڪ جج جسٽس ملڪ
قيوم کي هدايتون ڏنيون پئي ويون جنهن جي آڊيو محترمه بينظير ڀٽو کي هٿ اچي وئي هئي
۽ هن پريس آڏو عدالتي نظام اهڙو چهرو وائکو ڪري ڇڏيو هو. اڄ وري تاريخ پاڻ کي
ورجائي رهي آهي. عمران خان جي دور ۾ نواز شريف جي نياڻي مريم نواز اهو ٻڌائي رهي
آهي ته ڪيئن احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ العزيزيه ريفرنس ۾ سندس والد اڳوڻي وزير
اعظم نواز شريف کي دٻاءَ ۾ اچي سزا ٻڌائي جنهن جي نتيجي ۾ هو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد
ڪاٽي رهيو آهي.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم
نواز نئون انڪشاف ڪري نه رڳو اسان جي عدالتي نظام بلڪه سڄي حڪومتي سرشتي کي ڌوڏي ڇڏيو
آهي. بدقسمتي سان پاڪستان جي سياسي توڙي عدالتي نظام جي تاريخ ايتري ته داغدار رهي
آهي جو عوام ان تي ڀروسو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن. حڪومتي ترجمان ۽ نمائيندا جڏهن
هر ڪيس جي حوالي سان اهو چوندا آهن ته سچا آهيو ته پاڻ کي عدالتن ۾ ثابت ڪريو ته
ماڻھو ان تي کلون ڪندا آهن. پاڪستان جو عوام فوجي حڪومتن کي جائز قرار ڏيڻ ۽ عوامي
وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي جي سزائن کي اڃا تائين وساري نه سگهيا آهن.
مريم نواز پريس ڪانفرنس
دوران احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي هڪ ويڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هن جو چوڻ
آهي ته هن نواز شريف کي دٻاءَ ۾ اچي سزا ٻڌائي. نواز شريف جي خلاف ڪو به ثبوت نه
هو، جي آءِ ٽي پرڏيهه ۾ ملڪيت جي جاچ ئي نه ڪئي، نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ کان پوءِ
منهنجو ضمير مون کي ملامت ڪري رهيو آهي، مون کي ڊيڄاريندڙ خواب ڏسڻ ۾ پيا اچن، رات
جو ننڊ نه ٿي اچي، مون نواز شريف کي بغير ڪنهن ثبوت جي سزا ٻڌائي، هي فيصلو ڪيو نه
پر ڪرايو ويو ۽ مان ان جو ازالو ڪرڻ ڪرڻ چاهيان ٿو. مريم نواز جو چوڻ آهي ته
پاناما کان اقامه تائين ريفرنسز جو هي سفر اڄ به جاري آهي، انتقام تي ٻڌل فيصلا
ٻڌايا ويا. ويڊيو مطابق احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي گهر ۾ مسلم ليگ نون جي
شخصيت ناصر بٽ کي سڏايو ويو جنهن سان سندس ڊگهي عرصي کان لاڳاپا رهيا آهن. ملاقات
دوران جج صاحب هن سان پنهنجي ضمير مٿان ٻوجهه جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. اطلاعن موجب
جج ارشد ملڪ اهڙن خيالن جو اظهار مختلف جاين ۽ مختلف وقتن تي ڪيو آهي. ججن طئي ٿيل
ضابطن مطابق ڪنھن به جج کي پنهنجي فيصلن جي حوالي سان پنهنجي والد، ڀاءُ، ڀيڻ،
اولاد توڙي عزيزن دوستن مطلب ته ڪنھن سان به ڳالھ ٻول نه ڪرڻي آهي. جيتوڻيڪ فوري
طور تي ان جي ترديد جاري ڪئي وئي آهي پر طوطيءَ جو آواز ٻڌڻ نه پيو اچي. چيو وڃي
ٿو ته اهو رڳو ٽريلر آهي. ڳالھ ٻول کي ايڊٽ ڪري ڪجهه حصو ميڊيا ذريعي عوام آڏو پيش
ڪيو ويو آهي ۽ پوري فلم اڃا پوئتي آهي جنهن کي مصلحت خاطر روڪيو ويو آهي ڇو ته ان
۾ اهڙيون ڳالهيون ڪيل آهن جن جي نتيجي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين رياستي ادارن سان محاذ
آرائي ۾ شدت اچي سگهي ٿي. ممڪن آهي ته نواز شريف جي آزادي جي لاءِ پردي پٺيان گڏيل
اعتماد وارن شخصيتن جي ذريعي ڳالهيون به هلندڙ هجن ۽ هن وڊيو جي ڪجهه حصي کي ظاهر
ڪري منطقي نتيجو ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هجي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جو
ترديدي بيان ۾ چوڻ آهي ته پريس ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل وڊيو جعلي، مفروضي تي ٻڌل ۽ڪوڙي
آهي. مون تي سنگين الزام لڳائي منهنجي ذات ۽ خاندان جي ساک متاثر ڪرڻ سازش ڪئي وئي
آهي.
هن پريس بيان ۾ ٻه نڪتا
ڏاڍا اهم آهن جن تي سخت سوال اٿاريا پيا وڃن. هڪ ته، جج ارشد ملڪ جو چوڻ آهي ته
ڪيس جي ٻڌڻي دوران کيس بار بار رشوت جي آڇ ڪئي وئي ۽ سھڪار نه ڪرڻ جي صورت ۾ سنگين
نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. ٻيو ته مريم نواز پاران جيڪا ويڊيو ڏيکاري وئي
آهي ان ۾ گفتگو کي ٽوڙي مروڙي سياق ۽ سباق کان هٽي ڪري پيش ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي
وئي آهي.
مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي نڪتن
تي ڪيئي سوال اٿاريا ويا آهن. هڪ ته جج صاحب رشوت جي آڇ ۽ ڌمڪين تي چپ ڇو رهيو ۽
پاڻ کان مٿاهين عدالت کي آگاه ڇو نه ڪيو يا آڇ ڪندڙ ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن کي نوٽيس جاري
ڪري سزا ڇو نه ٻڌائي؟ ڇا هڪ جج صاحب پاران ههڙي اهم ڪيس ۾ هن قسم جي واقعن کي
نظرانداز ڪرڻ مناسب عمل هو؟ ٻيو ته ترديدي بيان ۾ جج صاحب ويڊيو ۾ پنهنجي موجودگي
جي ڪا به ترديد نه ڪئي بلڪه اهو چوڻ ته گفتگو ٽوڙي مروڙي پيش ڪئي وئي. ان ڳالهه جو
ثبوت آهي ته ويڊيو کي بلڪل رد نه ٿو ڪري سگهجي. هتي اهو به سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا
جج صاحب هن طريقي سان پريس بيان ڏئي پنهنجي ذميواري کان آجو ٿي ويندو؟ مريم نواز
جي حوالي سان حڪومتي ترجمانن پاران چيو وڃي ٿو ته ان کي ميڊيا بدران صحيح فورم تي اها
ڳالهه رکڻ گهربي هئي. جڏهن ته مريم نواز هڪ سياستدان آهي ۽ هن جو خيال آهي ته سندس
والد نواز شريف کي سزا سياسي بنيادن تي ٻڌائي وئي، ان ڪري ظاهر آهي ته هوءَ سياسي
فورم کي نظرانداز نه ڪندي ۽ هر موقعي تي ان جو فائدو وٺندي پر جيستائين جج صاحب جو
معاملو آهي ته ان کي پنهنجي ساک بچائڻ لاء ضرور عدالتي فورم تي اچڻو پوندو.
حڪومت جي لاءِ حالتون ڏينهو ڏينهن سنگين ٿينديون پيون وڃن. هڪ پاسي مخالف ڌر پاران تحريڪ تيز ٿيندي پئي وڃي ۽ ابتدائي ڏهن مهينن ۾ ئي عوام جي راءِ حڪومت جي خلاف ٿي چڪي آهي ٻئي وري احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي ويڊيو جي انڪشاف کيس وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت ويڊيو جي فرانزڪ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ممڪن آهي ته هو واسطيدار ڌرين کي مختلف حربا استعمال ڪري معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن ويڊيو اصلي ثابت ٿي ته نواز شريف کي ٻڌايل سزا ختم ٿي ويندي پر صورتحال اڃا تائين چٽي نه آهي. معاملو هڪ جج صاحب جي حوالي سان آهي ان ڪري جيڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس ورتو ته بال حڪومت جي هٿن مان نڪري ويندو. هونئن به حڪومتي جاچ تي شايد ڪو به اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار نه ٿيندو، البته ڏسڻو هي آهي ته اسان جي احترام جوڳي عدالت احتساب عدالت جي جج صاحب جي تڪراري ويڊيو جي تڪراري پاسن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ انصاف ڀريو ڪردار ادا ڪري پنهنجي آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري ٿي يا نه. اميد سٺي رکڻ گهرجي.
حڪومت جي لاءِ حالتون ڏينهو ڏينهن سنگين ٿينديون پيون وڃن. هڪ پاسي مخالف ڌر پاران تحريڪ تيز ٿيندي پئي وڃي ۽ ابتدائي ڏهن مهينن ۾ ئي عوام جي راءِ حڪومت جي خلاف ٿي چڪي آهي ٻئي وري احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي ويڊيو جي انڪشاف کيس وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت ويڊيو جي فرانزڪ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ممڪن آهي ته هو واسطيدار ڌرين کي مختلف حربا استعمال ڪري معاملي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري. جيڪڏهن ويڊيو اصلي ثابت ٿي ته نواز شريف کي ٻڌايل سزا ختم ٿي ويندي پر صورتحال اڃا تائين چٽي نه آهي. معاملو هڪ جج صاحب جي حوالي سان آهي ان ڪري جيڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس ورتو ته بال حڪومت جي هٿن مان نڪري ويندو. هونئن به حڪومتي جاچ تي شايد ڪو به اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار نه ٿيندو، البته ڏسڻو هي آهي ته اسان جي احترام جوڳي عدالت احتساب عدالت جي جج صاحب جي تڪراري ويڊيو جي تڪراري پاسن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ انصاف ڀريو ڪردار ادا ڪري پنهنجي آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري ٿي يا نه. اميد سٺي رکڻ گهرجي.
(ڇپيل:
روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد، 9 جولاءِ 2019ع)

No comments:
Post a Comment