عمران خان جي دوري کان پوءِ آمريڪا سان نون لاڳاپن جي شروعات ٿي
چڪي آهي؟
ليکڪ: صحبت ٻرڙو
ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر
ڊونالڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ٿيل هاڻوڪي ملاقات جو محور افغانستان ۾ امن جي لاءِ جاري
ڪوششن ۾ پاڪستان جي سرگرم ڪردار کي يقيني بڻائڻ رهيو، پر ساڳئي وقت ماضيءَ جي
حڪومتن دوران آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۾ جيڪا سختي اچي وئي هئي،
ان کي ختم ڪري بدليل حالتن جي ضرورت جي پيش نظر پرجوش لاڳاپن جي نئين سر شروعات پڻ
ڪرڻ هو، ڇو ته پاڪستاني قيادت اها ڳالھ شدت سان محسوس ڪري رهي آهي ته آمريڪا دنيا
جي هڪ وڏي فوجي توڙي معاشي طاقت آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ ان سان دشمني ههڙين حالتن ۾
سهپ کان ٻاهر هوندي. عمران خان پاڪستان جو ڪيس ڪيتري مهارت سان آمريڪا آڏو رکيو،
ان جي باري ۾ ڪي به ڳالهيون اڃا سامهون نه آنديون ويون آهن. ھاڻي تائين رڳو آمريڪا
جي پاسي جو موقف سامهون آيو آهي. ان مطابق پاڪستان پاران کيس ڪيتريون ئي خاطريون
ڪرايون ويون آهن پر ان جي بدلي ۾ پاڪستان کي ڇا حاصل ٿيندو اهو به آهستي آهستي
کلندو ويندو.





